166

ٻڌو هو ته اڄ ڪا استعيفيٰ اچڻي آهي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته ٻڌو هو ته اڄ ڪا استعيفيٰ اچڻي آهي، جيڪا مرتضيٰ عباسي وغيره جي منهن تي هڻڻي هئي، اها استعيفيٰ ڪاڏي وئي؟ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اسد عمر مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي چيو ته ٻڌو هو ته اڄ ڪا استعيفيٰ اچڻ واري آهي، اسان کان جيڪا استعيفيٰ گهري وئي ۽ جيڪا ڪڏهن ملڻي نه هئي، انهن کي ڇڏيو، اها جيڪا مرتضيٰ عباسي وغيره جي منهن تي هڻڻي هئي اها استعيفيٰ ڪيڏانهن وئي؟ اها استعيفيٰ ڪٿي پنهنجي منهن تي ئي ته نه هنئي وئي؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو