165

ٽلٽي ۾ ٻنهي ڄنگهن کان معذور قرآن حافظ نوجوان ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل

سيوھڻ (ن سوڀ) سيوهڻ ڀرسان يوسي ٽلٽي ۾ ٻنهي ڄنگهن کان معذور حافظ قرآن ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل، ڳوٺاڻن موقعي تي جوابدار کي پڪڙي ڀان پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. خبر موجب سيوهڻ ڀرسان يوسي ٽلٽي ۾ ٻنهي ٽنگن کان معذور 40 سالا حافظ قرآن حافظ ارباب علي ولد محمد خان چنو ويٺل ٽلٽي کي جوابدار دلشير ولد رضا محمد ٻرڙو ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن موقعي تي کيس سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو. ڀان پوليس لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوهڻ اسپال کڻائي آئي، جتان ضروري ڪاررائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڀان ٿاڻي تي فوتي جي ڀاءَ ممتاز جي فرياد تي جوابدار تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. رابطي تي پوليس ٻڌايو ته اسان جوابدار گرفتار ڪيو آھي. ٻئي طرف فوتي جي ڀاءَ ٻڌايو ته منهنجو ڀاءَ ٻنهي ڄنگهن کان معذور هو، جنهن کي معذور ڪوٽا تحت هيلٿ کاتي ۾ نوڪري هئي، هو ڳوٺ جي جامع مسجد ۾ ٻارڙن کي قرآن ۽ نماز پڙهائيندو هو، اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، خبر ناهي جوابدار ڇو ۽ ڪهڙي سبب جي ڪري منهنجي ڀاءَ کي قتل ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو