ٽنڊوالهيار(ويب ڊيسڪ) ٽنڊوالهيار جي عدالت قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي پوليس اهلڪار کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ٽنڊوالهيار جي ايڊيشنل سيشن جج نوشاد مغل جوابدار کي ڦاسي سميت 6 سال قيد ۽ 5 لک ڏنڍ جي سزا ٻڌائي، 5 سال اڳ ڊيوٽي دوران پوليس اهلڪار آدم خان ناهيون مقتول اسد علي ناهيون کي سرڪاري هٿيار سان گوليون هڻي قتل ڪيو هو، پوليس اهلڪار جو مقتول سان گهريلو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان هن کيس ڊيوٽي دوران شهر جي چمبڙ ناڪي تي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، جڏهن ته پوليس اهلڪار جي ٽنڊوالهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڊيوٽي هئي مقتول اسد علي ناهيون جو قتل ڪيس سندس ڀاءُ محمد علي ناهيون جي فرياد تي پوليس اهلڪار آدم خان ناهيون تي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ٿيل هو، پوليس اهلڪار تي 5 سالن کان هلندڙ قتل ڪيس جي ايڊيشل سيشن جج فيصلو ٻڌائيندي جوابدار کي ڦاسي سميت 6 سال قيد ۽ 5 لک ڏنڍ جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته ڏنڍ جي رقم مقتول جي وارثن کي ادا ڪرڻي پوندي.
