ٽنڊوالهيار (ويب ڊيسڪ) بڪيرا شريف ويجهو ڌڱاڻو بوزدار ۾ سرفراز واھ جي لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن جو آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ مستري منو ڪولھي کي زوردار ڌڪ لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي ويو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ،سول اسپتال جي ڊاڪٽر موت جي تصديق ڪئي، جنهن بعد ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال داخل ڪرايو ويو، جن جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.
