163

ٽنڊومحمد خان ۾ هوٽل اندر فائرنگ، 2 نوجوان قتل، ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو

بلڙي شاهه ڪريم (ن سوڀ) ٽنڊو محمد خان ۾ سجاول چوڪ تي ھوٽل اندر فائرنگ ۾ 2 نوجوان قتل ٿي ويا آهن. ذريعن کان اطلاع آهن ته ٻئي نوجوان ھوٽل ۾ ويٺل ھئا ۽ ڪنھن ڳالھه تان پاڻ ۾ وڙھي پيا، ھڪ نوجوان ٻئي کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان به فائر ڪري ڇڏيو آهي. واقعي واري ھنڌ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ پوليس جي نفري سان پھتل آهي ۽ ماڻھن جو وڏو ھجوم گڏ ٿيل آهي، هڪ مقتول جي سڃاڻپ اڪرم زنئوز طور ٿي آهي، ٻي جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي معاملي جو ڪارڻ به سامھون ناھي اچي سگھيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو