199

ٽنڊومستي ڀرسان ڪولاب جيئل مائنر شاخ کي گهارو، تيار ٿيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا

ٽنڊومستي (ن سوڀ) ٽنڊومستي ڀرسان ڳوٺ غلام عباس هوندل وٽان ڪولاب جيئل مائنر شاخ کي 10 ڦٽ گهارو پوڻ سبب ڪيترائي پوکيل تيار ٿيل فصل ڪڻڪ، ڪمند، ڪيلو ۽ ٻيا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهنڪري فصلن کي وڏو نقصان رسيو آھي. ان سلسلي ۾ آبادگارن غلام عباس هوندل،  مهراب جمالي،  عادل هوندل ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪيتري ئي وقت کان شاخ جو ڪپر ڪمزور  هو، بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو به تحرڪ نه ورتو،  اڄ هي گهارو لڳو جنهن سان اسان جو وڏو نقصان ٿيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو