60

ٽنڊوڄام لڳ ڪنر آئل فيلڊ طرفان مقامي ماڻهن لاءِ قائم ڪيل ڊسپينسري 5 سال گذرڻ باوجود بند پيل

ٽنڊوڄام (رپورٽ: گلزار سرگاڻي) ٽنڊوڄام لڳ ڪنر آئل فيلڊ طرفان مقامي ماڻهن لاءِ قائم ڪيل ڊسپينسري پنج سال گذرڻ باوجود بند پيل آهي، ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺهيل ڊسپينسري جي بلڊنگ تباھ ٿيڻ لڳي آهي. تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي ۾ ٽنڊوڄام ويجھو قائم ڪنر آئل فيلڊ ملڪ کي روزانو ڪروڙين رپين جي تيل ۽ گئس جو فائدو پهچائيندڙ ڪمپني مقامي ماڻهن لاءِ روزگار ۽ صحت جي سھولت پڻ نه ڏئي سگھي آهي، ڪنر آئل فيلڊ جي مک گيٽ ڀرسان 5 سال اڳ ڊسپينسري لاءِ ٺھيل بلڊنگ ۾ او جي ڊي سي ايل انتظاميا پاران ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو مقرر نه سبب بند پيل آهي، جنھن سبب علائقي جي غريب عوام کي صحت جي سھولت نه ملڻ سبب ٽنڊوڄام ۽ حيدرآباد جو رخ ڪرڻو پوي ٿو. علائقي واسين ضلعي انتظاميا ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد ڪنر آئل فيلڊ طرفان مقامي ماڻهن لاءِ قائم ڪيل ڊسپينسري کي فعال بڻائي مقامي ماڻهن کي علاج جي سهولت ڏني وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو