ٽنڊوالهيار (ويب ڊيسڪ) ٽنڊوالهيار ڀرسان پاڻي پيئڻ دوران 2 ڀائرن جمڙائون ڪئنال ۾ ٻڏي ويا، هڪ ڄڻي جو لاش هٿ ڪيو ويو، ٻي جي ڳولا جاري آهي، تعقلي جهنڊو مري جي پيارو لنڊ ٿاڻي جي حد ٻٽڻ موري ويجهو جمڙائو ڪئنال جي ڪپ تي جهنڊو مري واسي پورهيت گومانيو ميگهواڙ جا 2 پٽ 8 سالا جوهر لال ۽ 10 سالا درشن اڃ اجهائڻ لاءِ پاڻي پيئڻ دوران پير ترڪڻ سبب هڪ ڀاءُ ٻڏي ويو، جنهن کي بچائيندي ٻيو ڀائر به پاڻي جي وهڪري ۾ ٻڏي ويو، اتي موجود ڌنارن فوري طور وارثن کي اطلاع ڪئي، جنھن بعد مقامي ٽوٻن ۽ علائقي واسين پاران ڳولا دوران 10 سالا درشن جو لاش ھٿ ڪيو ويو ۽ ٻي نينگر جي ڳولا ڪئي پئي وڃي پر اڃا تائين ٻي نينگر جو پتو نه پئجي سگھيو آھي، هوڏانهن گهر ۾ ڪهرام متل ۽ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي، هوڏانهن اقليتي معاملن واري صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال ٻن ٻارڙن جي ٻڏڻ جو نوٽس وٺندي ٽنڊوالهيار جي ڊي سي رشيد زرداري سان فون تي رابطو ڪري متاثر ٿيندڙ فيملي جي ڀرپور مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
