50

ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان گهران ڪاوڙجي نڪتل نينگر جو لاش هٿ، پوليس پاران واقعو خودڪشي قرار

ٽنڊوغلام حيدر(ن سوڀ)ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ جمال الدين لاشاري ۾ هڪ ڏينهن اڳ معمولي ڳالھه تان مائٽن کان ناراض  ٿي گهران نڪتل 12 ورهين جي نينگر چوٿين ڪلاس جي شاگرد مڪيش ڪولهي ولد ڪچو عرف شومون ڪولهي جو ڍوڪيا واھ ڏندو لنڪ روڊ ڀرسان وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي. جڏھن ته وارثن پاران حد جي متارو پوسٽ پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، جنهن واقعي واري هنڌ پهچي نينگر مڪيش ڪولهي جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن وارثن موجب نينگر هڪ ڏينهن اڳ ناراضگي سبب گهران نڪري ويو هو جنهن جو لاش مليو آهي، ڪنهن سان دشمني ناهي غريب هاري آهيون. ٻئي طرف ٽنڊو غلام حيدر جي ايس ايڇ او سهيل مرزا ٻڌايو ته نينگر مائٽن کان ناراض ٿي خودڪشي ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو