33

ٽنڊو محمد خان ۾ نينگر سان ڏاڍائي ڪيس جو مک جوابدار گرفتار

بلڙي شاھ ڪريم (ويب ڊيسڪ)ٽنڊو محمد خان ۾ جنسي ڏاڍائي جي شڪار فرقان راجپوت جي ڪيس ۾ پوليس مک جوابدار نثار سٺيو کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد علي بلوچ ٻڌايو ته فرقان راجپوت ريپ ڪيس جو ھڪ جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي، باقي جوبدارن جي گرفتاري لاءِ اسان جي پوليس ڪوشش ڪري رهي آهي، جلد سمورا جوابدار قانون جي گرفت ۾ اچي ويندا، معصوم سان ضرور انصاف ٿيندو ، هوڏانهن ڊسٽرڪٽ بار ٽنڊو محمد خان جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ منظور احمد پنھور جنسي ڏاڍائي جا شڪار ٿيل معصوم ٻارڙن فرقان راجپوت ۽ احمد شيخ  جو ڪيس مفت ۾ وڙھڻ جي اعلان بعد چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي پاڻمرادو وٺڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، ناليواري وڪيل منظور پنھور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معصوم ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙن حيوانن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو، اھڙن بگھڙن کي سزائون نه اينديون ته اھڙا واقعا روز جنم وٺندا، جنھن ڪري پنھنجي ضلعي مان اھڙن حيوانن جو صفايو ضروري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو