128

ٽن ڏينهن اندر 3 ڀيرا بجلي جا وڌايل اگهه ۽ غريب عوام…

ايڊيٽوريل

اڃا 3 ڏينهن اڳ حڪومت بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ هڪ رپيو 53 پئسا واڌ ڪئي هئي، جڏهن ته سئي ناردرن پاران گئس به 2 سيڪڙو مهانگائي ڪئي وئي، نيپرا ڊسمبر 2020ع لاءِ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجليءَ جا في يونٽ اگهه هڪ رپيو 53 پئسا وڌائي منظوري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو هو ۽ ٺيڪ ٽن ڏينهن کانپوءِ هڪ ڏينهن اندر وري بجلي جي اگهن ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي ۽ مجموعي طور تي ٽن ڏينهن اندر بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 4 رپيا 30 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان سامهون آيل خبرن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مهانگائي جي ماريل عوام مٿان ٽن ڏينهن اندر 3 ڀيرا بجلي بم ڪيرايو ويو آهي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪالهه وفاقي حڪومت جي درخواست تي  بجلي جو في يونٽ اگهه هڪ رپيو 95 پئسا مهانگو ڪرڻ جي منظوري ڏني، فيصلي مطابق بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سمورن صارفين لاءِ ڪئي وئي آهي ۽ اها 50 يونٽ هلائيندڙ صارفين تي به لاڳو ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ ڪالهه ئي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 82 پئسا في يونٽ بجلي الڳ مهانگي ڪئي وئي هئي ۽ ائين هڪ ئي ڏينهن اندر 2 ڀيرا اگهن ۾ ڪيل واڌ بعد بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 2 رپيا 77 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، نيپرا پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندي.

هاڻ ته لڳي ائين ٿو ته ملڪ ۾ عوام مٿان مهانگائي جا بم ڪيرائڻ لاءِ هڪ منڊي لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ روز بروز اگهه وڌائڻ جو قانون لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن ڏينهن ڪنهن به شيءِ جا اگهه نٿا وڌن ان ڏينهن ڄڻ ته حڪومت ۽ ان جي ادارن کي ڪو سڪون ئي نٿو اچي ۽ هاڻ پي ٽي آءِ جي موجوده سرڪار اهو طئه ڪري ڇڏيو آهي ته عوام کي جيئڻ جو ڪو به حق نه آهي ۽ ائين اگهه وڌائي چيچلائي چيچلائي عوام کي اهڙو ته سوگهو ڪرڻو آهي جو اهو ساهه کڻڻ لاءِ به سرڪار نامدار وٽ اپيلون ڪري ۽ ليلائي ته جيئن کيس ساهه ذرو ڏئي سگهجي، پاڪستان دنيا جي اهڙن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، جتي ملڪ جي تقريب 70، 80 سيڪڙو آبادي ”سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا“ وانگر زندگي گذاري ٿي، گذريل حڪومتن ۾ آيل سروي رپورٽن مطابق ملڪ ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙن جا انگ اکر به 60 کان 70 سيڪڙو هئا، پر موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ اهي انگ اکر هاڻ 80 کان 85 سيڪڙو تائين پهچي ويا هوندا. ڇو ته مسلسل مهانگائي ته هتي جي ماڻهن جو مقدر بڻائي وئي آهي پر بدقسمتي سان معيشت جي حالت به ايتري ته ابتر آهي جو ڏينهون ڏينهن رپئي جو قدر ڪرندو ٿو وڃي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڏهاڙيدار طبقو جنهن جي هن وقت ملڪ ۾ اڪثريت آهي، اهو هن جبل جيڏي مهانگائي کي منهن ڏيڻ کان قاصر آهي، اسان سرڪار نامدار آڏو هنن ئي پيجن تي بار بار دانهون ۽ التجائون ڪندا آيا آهيون ته خدارا اهو به سوچيو ته اوهان جي حڪمراني هيٺ رهندڙ خلق به ان ئي ربِ جليل جي خلقيل آهي، جنهن اوهان کي به پيدا ڪيو آهي، رياست مدينه جو خواب ڏيکاري ماڻهن مٿان هٽلر کان وڌيڪ ظلم جا پهاڙ ڪيرائيندڙ سرڪار ۾ ويٺل حڪمرانن کي به هڪ ڏينهن اڳتي هلڻو آهي ۽ اهو متان وساريو ته اوهان مٿان به هڪ سرڪار ويٺل آهي، جنهن کي الله جي سرڪار چيو وڃي ٿو، اتي نه ته ڪنهن جي سفارش هلندي آهي ۽ نه ئي وري ڪا اتحادي ٽيڪ اوهان کي بچائي سگهندي، اوهان جو حڪومتي مدو ته باقي ٻن سالن جو وڃي رهيو آهي، ان ڪري هاڻ عوام تي رحم ڪيو، خدارا ماڻهن کي ايترو نه ايذايو جو انهن جون بددعائون اوهان مٿان عذاب بڻجي نازل ٿين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو