44

ٽيڪس جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ سان روينيو گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو: صدر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ ايف بي آر پنهنجي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي ڪاروبار ۾ آسانين بابت مسئلن کي گهڻي حد تائين ختم ڪري سگهن ٿا، ٽيڪس جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ سان روينيو گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ضروري آهي تنهن هوندي به ان لاءِ ٽيڪس جو نظام سادو، آسان ۽ شفاف بڻائڻو پوندو، رياستي اختيارن ۾ توازن ۽ احتساب ۽ جوابدهي جي نظام سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب پاران منعقد عوامي آگاهي سيمينار کي خاص مهمان جي طور تي پنهنجي اهم خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد، وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا، مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۽ ٽيڪس بار ايسوسئيشنز جا عهديدار ۽ نمائنده به موجود هئا. صدر چيو ته انساني تاريخ ۾ حڪمرانن جي احتساب جي روايت مديني جي رياست کان شروع ٿي جيڪا خلفاءِ راشدين جي دور ۾ عروج تي پهتي، احتساب ۽ جوابدهي جي ان نظام جي پيروي بعد ۾ ايندڙ مسلمان حڪمرانن به ڪئي. صدر چيو ته رياستي اختيارن ۾ توازن ۽ احتساب ۽ جوابدهي جي نظام سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي. بدعنواني جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجي ڇو ته بدعنواني سان معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور ۽ غريب طبقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن، صدر چيو ته پاڪستان ۾ جي ڊي پي ۽ آبادي جي تناسب سان ٽيڪس ڏيندڙن جي شرح دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي ان جا جتي ٻيا سبب آهن اتي ٽيڪس جي نظام ۾ ڏٺيون ويندڙ پيچيدگيون ۽ خاميون به اهم سبب آهن، اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته موجوده حڪومت جي هداين ۽ رهنمائي ۾ ايف بي آر انهن خامين ۽ پيچيدگين جي خاتمي لاءِ قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪنالاجي جي درست ۽ بهتر استعمال سان ٽيڪس جي نظام ۾ ڏٺيون ويندڙ پيچيدگين ۽ خاتمين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، چين ۾ هن وقت ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان قرض لاءِ درخواستون ڏيندڙن کي پنج منٽن جي اندر لاڳاپيل ادارن کان فيڊ بيڪ ملي رهيو آهي. صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ ايف بي آر پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻي ڪاروبار ۾ آسانين بابت مسئلن کي گهڻي حد تائين ختم ڪري سگهن ٿا، ٽيڪس جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ سان ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ضروري آهي، تنهن هوندي به ان لاءِ ضروري آهي ته ٽيڪس جو نظام سادو، آسان ۽ شفاف هجي ۽ هڪ اهڙو نظام هجي جتي ماڻهن کي ڪنهن قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو