146

ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به ڪاميابي واري تسلسل کي برقرار رکنداسين: مصباح الحق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي هيڊڪوچ مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ ۾ ڪاميابي سان ٽيم جو مورال بلند ٿيو آهي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به ڪاميابي واري تسلسل کي برقرار رکنداسين. هيڊڪوچ مصباح الحق ميڊيا سان آن لائين ڳالهائيندي چيو ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم گهڻي عرصي کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪيو، هوم سيريز اسان لاءِ وڏي اهميت جي حامل هئي، هڪ ته پنهنجين حالتن ۾ کيڏي ٽيم سٺو پرفارمنس ڪندي آهي ۽ ان تي ڪوبه دٻاءُ ناهي هوندو، ٻيو ته رانديگرن کي به ڊويلپ ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو