164

ٽڪ ٽاڪ جي جنون وڌيڪ هڪ نوجوان کان حياتي کسي ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ جي جنون وڌيڪ هڪ نوجوان کان حياتي کسي ورتي آهي. پوليس مطابق ڪراچي جي تفريحي علائقي ڪلفٽن ڀرسان جبل تي هڪ نوجوان چڙهي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي رهيو هو ته مٿس وزني پٿر اچي ڪريو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي دوست ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رڪشا ۾ کڻي اسپتال منتقل ڪري رهيا هئا ته هن رستي ۾ دم ڏنو. اطلاع تي ايمبولينس پهچي رڪشا ۾ پيل نوجوان جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتي فوتي نوجوان جي سڃاڻپ عذير ولد زبير طور ٿي آهي، جيڪو ڪراچي جي اورنگي ٽائون جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو