53

ايشيا ڪپ لاءِ افغان اسڪواڊ جو اعلان، اهم رانديگرن جي واپسي

ايشيا ڪپ لاءِ افغان اسڪواڊ جو اعلان، اهم رانديگرن جي واپسي

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ايشيا ڪپ 2022ع لاءِ پنهنجي سترنهن رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ايشيا ڪپ جي پندرنهن ايڊيشن لاءِ افغان ٽيم طرفان 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.چيف سليڪٽر نور ملڪ زئي طرفان اعلانيل اسڪواڊ ۾ آل رائونڊر محمد نبي ٽيم جي قيادت ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ نجيب الله زادران، عظمت الله عمرزئي، افسر علي ززئي، فضل الحق فاروقي، فريد احمد ملڪ، حشمت الله شاهدي، حضرت الله ززئي، ابراهيم زادران، ڪريم جنت، مجيب الرحمان، نوين الحق، نجيب الله زادران، رحمان الله گرباز، نور احمد، سميع الله شنواري ۽ راشد خان شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو