21

پارليامينٽرينز جي پگهار ن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي سمري رد، اٽي، کنڊ، گيهه ۽ دالين تي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا  پارليامينٽرينز جي پگهار ن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي سمري رد ان کي وزيراعظم جي بچت واري مهم جي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته حڪومت   اٽي ۽ ٻين شين تي ٽارگيٽڊ ڪيش سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. ان سلسلي ۾  اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وفاقي ڪابينا وزيراعظم جي ڪفايت شعاري مهم هيٺ سينيٽ جي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سميت سڀني اسيمبلي ميمبرن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس جي سمري رد ڪري ڇڏي آهي، ملڪ ۾ ايندڙ سال فائيو_جي ٽيڪنالاجي لانچ ڪئي ويندي، وزيراعظم جو عزم آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ مواصلات جو نظام لاڳو ڪيو وڃي، وڏين گاڏين تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ختم ٿيڻ سان گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس بابت وڊيو بيان ذريعي بريفنگ ڏيندي ڪيو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ۽ ٻارهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽنگ جو اختيار ڏيڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ معاملن تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير اسپيڪٽرم جي وڪري جي حوالي سان ڪابينا کي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال ملڪ ۾ فائيو جي لانچ ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڪمپنيون دلچسپي جو اظهار ڪري رهيون آهن، ڪابينا کي فوجداري قانونن ۾ سڌارن (ڪرمنل لا ريفارمز) وارين تجويزن ۽ سفارشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته مختلف قانونن ۾ مختلف ترميمون متعارف ڪرايون پيون وڃن، انهن سڌارن ۾ قانون کي آسان ڪرڻ ۽ آٽو ميشن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن انصاف جي جلد کان جلد ملي سگهي، انهن تبديلين جي نتيجي ۾ پاڪستان جو ڪرمنل جسٽس سسٽم تبديل ٿي ويندو. قانون واري وزير فروغ نسيم مختلف قانونن ۾ ترميم جي حوالي سان ڪابينا کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪابينا ترميم بابت پيش ڪيل تجويزن جي اصولي طور تي منظور ڏيندي انهن تجويزن کي قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي، هن وقت اهو معاملو قانونسازي واري ڪابينا ڪميٽي ۾ بحث هيٺ ايندو، ۽ ان کانپوءِ ان ڪرمنل ريفارمز کي لاڳو ڪيو ويندو، اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته ڪابينا سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٻين پارليامينٽ جي ميمبرن جي بنيادي پگهار ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته اهو فيصلو ان بچت مهم جو حصو آهي جيڪا وزيراعظم پهرين ڏينهن کان لاڳو ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ وزيراعظم هائوس تمام وڏي بچت ڪئي. قومي اسيمبلي هڪ ارب 54 ڪروڙ روپيا بچت ڪري واپس ڪيا. ڪابينا جي اجلاس ۾ اسپيڪر ۽ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ٻين قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي 10 سيڪڙو الائونس ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي هئي ڪابينا چيو ته اها تجويز وزيراعظم جي بچٽ واري مهم ۽  ان اصول جي ڀڃڪڙي آهي، وقت جي حڪمران کي مثال ڏئي ثابت ڪرڻ گهرجي ته هو هن وقت پگهارن ۾ اضافو نه ڏئي رهيو آهي، معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان تجويز کي رد ڪيو ويو آهي. فواد چوڌري چيو ته 14 آگسٽ 2021ع تي ايف بي آر جي ويب سائيٽ کي هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان جي انڪوائري مڪمل ٿي وئي آهي ۽ اها ڳالهه سامهون آئي ته ايف بي آر جي ڊيٽا محفوظ رهي، هيڪرز ان تائين پهچ حاصل نه ڪري سگهيا، ايف بي آر ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کنيا، هڪ پروفيشنل ڪمپني کي هائير ڪيو جيڪا ڊيٽا وڌيڪ محفوظ ڪري رهي آهي، ان لاءِ رولز ۾ نرمي ڪئي وئي آهي ته جيئن هو جلدي هائيرنگ ڪري سگهي، هن ٻڌايو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته هن سال پاڪستاني ويب سائيٽس تي تقريبن 10 لک سائبر حملا ٿي چڪا آهن، اين ٽي سي انهن حملن کي ناڪام ڪيو ويو پاڪستان جي اندر سائبر سيڪيورٽي جو هڪ جامع فريم ورڪ موجود آهي، اسان ان کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته آٽو سيڪٽر ۾ مقامي پيداوار جي فروغ (لوڪلائيزيشن) ۽ موجوده ٽيرف جي نظام ۾ پيش آيل ڪجهه ڏکيائين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪابينا ٽيرف پاليسي بورڊ جي سفارشن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ته ايس آر او 655(1) /2006 تحت آمدني واپار تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح 7 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ڪئي وڃي، ان سان گڏوگڏ هيوي ڪمرشل وهيڪلز تي به اي سي ڊي جي شرح 7 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ڪئي وڃي، ان جي نتيجي ۾ وڏين گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، هزار سي سي گاڏين جي سامان جي درآمد تي ايڊيشنل ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، هزار سي سي کان هيٺ جي گاڏين جون قيمتون به گهٽ ٿينديون. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ته وقت سر ڪليئر نه ڪرايل درآمدي شين تي قانون موجب  لڳندڙ هڪ سيڪڙو ڏنڊ/سرچارج ۾ 30 سيپٽمبر تائين رعايت ڏني ويندي، ٻي صورت ۾ ان کي 30 سيپٽمبر 2021ع تائين ڪليئر ڪيو وڃي.  هن ٻڌايو ته  وزيراعظم ان ڳالهه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته ڪڻڪ جي خريداري ۾ دير ڇو ٿي، هن واضح طور تي حڪم جاري ڪيا هئا، صوبن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو فوري طور تي ڪڻڪ جي رليز لاءِ قدم کڻن، اسان کي اميد آهي ته پنجاب حڪومت پاران ڪڻڪ جي رليز جو شيڊول هڪ ٻن ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمت ۾ لاٿ ايندي، اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اوورسيز پاڪستانين جي پاور آف اٽارني جي نظام جي آٽوميشن جي حوالي سان ڪابينا قانونسازي بابت ڪميٽي جي فيصلي جي توسيع ڪئي وئي، ڪابينا پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ اڏامن لاءِ پي آءِ اي ۽ ڪرغزستان جي هوائي ڪمنپي ايويا کي اڏامن جي اجازت ڏني، ڪابينا پي ايس او ۽ پاڪ ايل اين جي پاران ايل اين جي جي خريداري تي پيپرا قانونن جي قاعدن موجب ٽائيم لائيز ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز جي به منظوري ڏني. ٻي پاسي وزيراعظم جي خاص صلاحڪار جمشيد اقبال چيما ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وزير  شوڪت ترين چيو ته معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، هيٺين طبقي کي سبسڊي ڏني ويندي، 34 سيڪڙو عوام کي گذريل سال جي قيمت تي اٽو ڏينداسين، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب قرضن ۾ اضافو ٿيو آهي، اٽي ۽ کاڌي پيتي جي شين تي ٽارگيٽڊ ڪيش سبسڊي ڏينداسين.  هلندڙ مهيني ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪنداسين، 40 کان 60 لک خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو موقعو ملندو، مستحق ماڻهن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏينداسين، صحت ڪارڊ جو دائرو وڌائڻ سان ماڻهن کي فائدو ٿيندو،معيشت هٿي وٺندي ته پگهارون به وڌنديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو