اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين پاپ اسٽار جسٽن بيبر اين ايڇ ايس ڪوائر سان گڏجي ڪرسمس گيت (هولي) جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽن بيبر پنهنجي ڪرسمس گيت هولي ذريعي فنڊ گڏ ڪري برطانيا جي سرڪاري هيلٿ سروس (اين ايڇ ايس) کي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏيندو. جسٽن بيبر جو چوڻ آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڪورونا خلاف فرنٽ لائين تي ويڙهه ڪندڙ صحت واري عملي سان گڏجي ڪم ڪندس.
