207

پاڪستاني اداڪاره ۽ پروڊيوسر ناديا خان ٽئين شادي ڪري ورتي، سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره، ميزبان ۽ پروڊيوسر ناديا خان ٽئين شادي ڪري ورتي آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سندس مڱڻي جون افواهون سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل رهيون، پر ان حوالي سان اداڪاره ڪابه تصديق نه ڪئي هئي. جڏهن ته هاڻي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ناديا خان ٽئين شادي جي تصديق ڪندي ميندي لڳل پنهنجي هٿن جي تصوير شيئر ڪئي آهي. جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي اداڪاره ناديا خان جي شادي جون تصويرون وائرل ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره شادي لاءِ هلڪي سائي رنگ واري جوڙي جي چونڊ ڪئي آهي، جڏهن ته سندس مڙس اڇي رنگ جا ڪپڙا پهريل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو