154

پاڪستاني عورتن قوم جي عزت ۽ وقار ۾ واڌ لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته پاڪستاني عورتن قوم جي عزت ۽ وقار ۾ واڌ لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان مطابق آرمي چيف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عورتون تمام گهڻيون قابل ۽ احترام لائق آهن، پاڪستاني عورتن قوم جي عزت ۽ وقار ۾ واڌ لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته يونيفارم ۾ عورتن پنهنجيون صلاحيتون مڃايون آهن، يونيفارم ۾ عورتن قوم ۽ انسانيت جي وڏي خدمت ڪئي آهي، پاڪستاني عورتون عالمي وبا ڪورونا خلاف ويڙهه ۾ به اڳيان اڳيان آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو