اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني قوم جي اڪثريت افغانستان ۾طالبان حڪومت قائم ٿيڻ تي خوش نظر آئي، گيلپ پاڪستان جي سروي موجب 55 سيڪڙو پاڪستانين طالبان حڪومت قائم ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته 25 سيڪڙو خوش نه هئا، 20سيڪڙو شهرين ان بابت پنهنجي ڪابه راءِ نه ڏني، طالبان حڪومت قائم ٿيڻ تي سڀ کان وڌيڪ خوش ڪي پي ڪي جي 65 سيڪڙو ماڻهن ۾ نظر آئي.
