بينڪاڪ (ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت يافتا پاڪستاني کدڙي ناياب علي هيرو ايشيا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ناياب علي کي هيرو ايشيا ايوارڊ ٽرانس جينڊر ڪميونٽي جي حقن لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڏنو ويو، ايوارڊ واري تقريب ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بينڪاڪ ۾ منعقد ٿي. ايوارڊ لاءِ ڀارت، بنگلاديش، نيپال، انڊونيشيا، فلپائن ۽ ڀوٽان سميت سمورن ايشيائي ملڪن مان 250 ٽرانس جينڊر ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو، پر اهو ايوارڊ پاڪستاني کدڙي ناياب علي جي حصي ۾ آيو. ناياب علي ڪورونا وبا سبب بينڪاڪ نه وئي، تقريب ۾ ناياب علي جو وڊيو پيغام به هلايو ويو.ياد رهي ته ناياب علي ان کان اڳ هلندڙ سال فيبروري ۾ آئرلينڊ حڪومت ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل جو گڏيل انٽرنيشنل گالاز ايوارڊ به کٽي چڪو آهي.
