187

افغانستان جو ڪو به فوجي حل ناهي،پاڪستان امن جي ڪوششن لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو:وزيراعظم عمران خان

ڪابل (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ افغانستان جي اميدن کان وڌيڪ پنهنجو ڪردار ڪندو، امن ۽ رابطن جي فروغ سان اقتصادي ترقي ٿيندي، معاشي سرگرميون وڌڻ سان سرحد جي ٻنهي طرفن جي عوام جون زندگيون تبديل ٿينديون، اهڙن خيالن جو اظهار هن افغان صدر اشرف غني سان گڏ ڪابل ۾ صدارتي محل ۾ ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته هو افغانستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪري ٿو، هن چيو ته ڪابل هڪ تاريخي شهر آهي ۽ 60ع ۽ 70ع جي ڏهاڪي ۾ اهو بهترين شهر هو ۽ پاڪستان جا ماڻهو ڪابل ۽ افغانستان جا ماڻهو پشاور اچڻ پسند ڪندا هئا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، هن چيو ته هو هڪ اهڙي وقت ۾ افغانستان آيو آهي جڏهن بدقسمتي سان افغانستان ۾ تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام افغانستان ۾ امن جي خواهشمند آهي، افغانستان جي عوام گذريل چئن ڏهاڪن کان مشڪلاتن جو شڪار آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام ۽ تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ پاڪستان مفاهمتي عمل ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي ۽ ان جي قيام لاءِ پاڪستان پهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته آئون خاطري ڪرايان ٿو ته پاڪستان تشدد جي خاتمي لاءِ پنهنجو هر اهو ڪردار ادا ڪندو جيڪو ضروري هوندو، هن چيو ته افغانستان ان سلسلي ۾ اسان کي ٻڌائي جيڪو به اسان جي وس ۾ هوندو ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان کانپوءِ امن ۾ دلچسپي رکندڙ سڀ کان پهريون ملڪ آهي ڇاڪاڻ جو پاڪستان جا قبائلي علائقا جيڪي هاڻي ضم ٿي خيبرپختونخوا جو حصو بڻجي ويا آهن، به دهشتگردي جي خلاف جنگ کان شديد متاثر ٿيا آهن انهن علائقن مان وڏي تعداد ۾ عوام کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ۽ انهن جون زندگيون معاشي طور تي به بي حد متاثر ٿيون، افغانستان ۾ امن ۽ رابطن جي فروغ سان انهن علائقن کي به فائدو ٿيندو، افغانستان ۾ امن اسان جي مفاد ۾ آهي، امن ۽ رابطن جي فروغ سان اقتصادي ترقي کي فروغ ملندو ۽ معاشي سرگرمين سان سرحد جي ٻنهي طرفن عوام جون زندگيون تبديل ٿينديون، وزيراعظم چيو ته اسان افغانستان جي اميدن کان وڌيڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، ان موقعي تي افغان صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪندي چيو ته هو افغانستان جي دوري تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪري ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تعاون علائقائي ترقي جي لاءِ اڻٽر آهي، علائقائي رابطن جو فروغ ۽ معاشي سرگرميون اسان جي مفاد ۾ آهن، هن چيو ته رسول پاڪ ﷺ جي حرمت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، اظهار جي آزادي جي راءِ جي حوالي سان منفي ۽ مثبت روين جي فرق جي ضرورت آهي، هن چيو ته رسول پاڪ ﷺ جي ناموس سڀني مسلمانن جو مسئلو آهي اسان پنهنجي روايتن، تهذيب ۽ تمدن ۽ ناموس رسالت ﷺ جو مذاق اڏائڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، هن چيو ته افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي لاءِ جنگ بندي چاهيون ٿا، افغانستان ۾ امن جي لاءِ مثبت سياسي عمل جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان سان سندس ملاقات مثبت ۽ تعميري رهي، افغان صدر چيو ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو