174

پاڪستان اندر ڪرپشن ۾ واڌ ٿي وئي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ ڪرپشن گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌي وئي آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڪرپشن بابت عالمي ريڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ 180 ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان جو 124 هون نمبر آيو آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ مطابق ڪرپشن ريڪنگ ۾ پاڪستان جا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 4 نمبر وڌيا، 2019ع ۾ ڪرپشن بابت ان لسٽ ۾ پاڪستان جي رينڪ 120 هئي، گذريل سال ڪرپشن خلاف پاڪستان جو اسڪور 31 جڏهن ته ڀارت ڪرپشن خلاف 40 اسڪور سان گڏ 86 نمبر تي آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ ۾ صوماليا ۽ ڏکڻ سوڊان ڪرپٽ ترين ملڪ قرار ڏنا ويا آهن، نيوزيلينڊ ۽ ڊينمارڪ ڪرپشن خلاف 88 اسڪور سان گڏ پهرين نمبر تي رهيا، ڪينيڊا ۽ برطانيا 77 پوائنٽس اسڪور سان گڏ 11هين، آمريڪا 67 پوائنٽس سان گڏ 25 نمبر تي رهيو، سنگاپور جو اسڪور 85، برطانيا جو اسڪور 77 ۽ يو اي اِي جو اسڪور 71 رهيو. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان چيپٽر جي چيئرمين سهيل مظفر جو چوڻ هو ته گذريل ٻن سالن ۾ نيب ڪرپشن جا 365 ارب رپيا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پر ان باوجود پاڪستان جو رينڪ 124 تي وڃي پهتي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو