اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان بار ڪونسل جي وائيس چيئرمين خوش دل خان 8 فيبروري واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن جو رويو غير مهذب هو. پاڪستان بار ڪونسل جي وائيس چيئرمين خوش دل خان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته 8 فيبروري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن جو رويو غير مهذب هو، پاڪستان بار ڪونسل 8 فيبروري واري واقعي تي مذمت ڪري ٿي. وائيس چيئرمين چيو ته پاڪستان بار ڪونسل عدليا جي آزادي ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ عدليا سان گڏ آهي، چيف جسٽس ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن سان بار ڪونسل جي ترت گڏجاڻي جي ضرورت آهي، معاملي جي حل، بئنچ ۽ بار جي مفاد ۾ جلد ملاقات وقت جي ضرورت آهي.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته 8 فيبروري وارو واقعو وڪيلن جي هڪ سئو کان وڌيڪ چيمبر ڊاهڻ جي ردعمل ۾ پيش آيو، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جو حڪم رڳو 2 چيمبر هٽائڻ جو هو، ان سڄي صورتحال ۾ وڪيلن جي روپ ۾ ڳجهن هٿن صورتحال کي خراب ڪيو.
