ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر)پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ سنڌ يونيورسٽي جو ملازم حافظ محمد خليل شيخ رات جو دير سان بخار سبب اٽڪل 45 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ويو آهي، محمد خليل کي سنڌ يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني ۾ سندس ڪوارٽر تي بخار دوران اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي جنهن کي لمس اسپتال نيو پئي ويو ته هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، جنهن جو لاش سندس وارث اباڻي شهر لاڙڪاڻي کڻائي ويا آهن جيڪو لاڙڪاڻي جي شيخ محلي جو اصل رهواسي هو محمد خليل شيخ جي جنازي نماز لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪئي وئي، مرحوم 2 پٽ، هڪ نياڻي، ڀاءُ ۽ پيرسن ماءُ پيءُ کي سوڳوارن ۾ پويان ڇڏيو آهي، محمد خليل ايسوسيئيشن آف پاڪستان سنڌ جو اڳوڻو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري رهي چڪو هو، هن وقت بلائينڊ ايسوسيئيشن پاڪستان ضلعي ڄامشوري جي جنرل سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. جڏهن ته پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ ٽيليفون آپريٽر طور گذريل ڪيترن سالن کان ڊيوٽي ڪري رهيو هو، کيس سنڌ يونيورسٽي جي سمورن شعبن، آفيسن، افيسرن ۽ ملازمن سميت بلائينڊ ايسوسيئيشن جي سوين اڳواڻن جا پي ٽي سي ايل ۽ موبائيل فون نمبر برزبان ياد هئا. سندس خواهش هئي ته سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ۾ نابينن جي تربيت لاءِ عالمي سطح جو ادارو قائم ٿئي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت توڙي سنڌ يونيورسٽي جي هر وائيس چانسلر کي ڪيترا ڀيرا لکت ۾ درخواستون ڏئي چڪو هو، پاڻ هر رمضان شريف مهيني ۾ سنڌ سطح جي نابينن جي مان ڄامشورو ۾ افطار پارٽي ڏيڻ سان گڏ انهن کي عيد لاءِ ڪپڙا ۽ راشن ڏيڻ جو انتظام ڪندو هو. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان طور مختلف ملڪن ۾ کيڏي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ملڪ جو نالو روشن ڪيو.
