لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪنٽرول لائين تي فائر بندي واري ٺاهه جي خلاف ورزي ڪندي بنا ڪنهن سبب جي فائرنگ ۽ گولا باري ڪرڻ تي ڀارتي هائي ڪميشن جي سينيئر عملدارن کي پاڪستان جي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو ۽ شديد قسم جو احتجاج نوٽ ڪرايو ويو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي سينيئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس گهرايو ويو ۽ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۽ گولا باري تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق ڀارتي فوج 9 ڊسمبر تي ايل او سي جي تتا پاڻي سيڪٽر تي بنا ڪنهن سبب جي فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي، ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 55 ورهين جي هڪ عورت به زخمي ٿي پئي هئي، پاڪستاني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان جنگ بندي خلاف ورزي علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي ڀارت 2003ع جي جنگ بندي واري معاهدي جو احترام ڪري.
