75

پيٽروليم اگهن ۾ واڌ تي آصف زرداري کي ڳڻتي !

پيٽروليم اگهن ۾ واڌ تي آصف زرداري کي ڳڻتي !

اسلام آباد ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت طرفان تيل اگهن ۾ واڌ واري فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.وفاقي حڪومت ڪالهه پيٽرول ۾ پوڻا 7 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، جنهن تي نون ليگ جي قيادت توڙي حڪومت جي اتحادين ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.حڪومت جي اتحادي جماعت پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو آهي ۽ گڏ آهي، اهڙي قسم جي فيصلن تي صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي ها.هن چيو ته اسان سڀ هن حڪومت ۾ عوام کي رليف ڏيڻ آيا آهيون ۽ عوام کي رليف ڏيڻ ئي اسان جي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي.آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سان گڏ آهيون ۽ جلد ساڻس ملاقات ڪندس جنهن ۾ معاشي ٽيم بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو