78

پيٽرول جو اگهه وڌائڻ جو فيصلو شهباز شريف جي صحيح سان ٿيو، مون تي تنقيد اجائي آهي: مفتاح اسماعيل

پيٽرول جو اگهه وڌائڻ جو فيصلو شهباز شريف جي صحيح سان ٿيو، مون تي تنقيد اجائي آهي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽرول جو اگهه وڌائڻ حڪومت جو فيصلو هو جيڪو شهباز شريف جي صحيح سان ٿيو. رڳو مون تي تنقيد حقيقت تي ٻڌل نه آهي. مون کي پنهنجي ڪعبي جو پتو آهي ته اهو ڪهڙي پاسي آهي. اهڙو اظهار هن هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مريم نواز جنهن ميٽنگ جي ڳالهه ڪئي سا سرڪاري نه پي پارٽي جي ميٽنگ هئي، اها اسان جي پارٽي جي نجي ميٽنگ هئي ان تي نه ڳالهائيندس. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي ڳالهه مڃان ٿو ته عوام تي بار پيو آهي. نواز شريف پنهنجي سياست جي خلاف فيصلا ڪيا آهن. جڏهن ڊيزل ۽ پيٽرول سستو ٿيو ته اسان به اگهه گهٽايا هئا. پهرين آگسٽ تي پيٽرول تي ليوي لڳائي هئي، ڀارت ۽ بنگلا ديش ۾ پيٽرول پاڪستان کان به مهانگو آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون مڃان ٿو ته واپارين تي فڪڊ ٽئڪس لڳائڻ منهنجي غلطي هئي. واپارين تي ٽئڪس لڳائڻ لاءِ مون کي مريم نواز چيو هو ان سان منهنجي ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه ٿي. اسين واپارين کان 42 ارب روپين بدران 27 ارب روپين جا ٽئڪس اوڳاڙينداسين. واپارين کان 27 ارب روپيا ٽئڪس نه اوڳاڙي سگهندس ته آئون عهدو ئي ڇڏي ڏيندس، ڪم نه ڪري سگهيس ته گهر وڃي ڪو ٻيو ڌنڌو سنڀاليندس. جيڪڏهن آئون ناڪام ٿيس ته هيءَ نوڪري ڇڏي ڏيندس. حڪومت ڇڏڻ يا نه ڇڏڻ جو فيصلو آئون نه ڪندس. ان کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته مون پيٽرول تي ٽئڪس نه لڳائڻ جو چيو هو، پيٽرول جي اگهه گهٽائڻ جو نه چيو هو، اسان پاڪستان کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو آهي. هن چيو ته مان حڪومت جي سمورن فيصلن جي پُٺيان بيٺل آهي ۽ ذميدار آهيان، اسان امپورٽ کي روڪينداسين، ايڪسپورٽ کي وڌائينداسين. هن چيو ته اسان پيٽروليم شين تي هڪ روپيي جو به ٽئڪس نه لڳايو آهي. پيٽرول جو معاملو آٽوميٽڪ آهي، اهو اوگرا کان ايندو آهي، اسان نه ٽيڪس وڌايو نه ئي گهٽايو، اسان اها سمري وزيراعظم ڏانهن اُماڻي جنهن ان جي منظوري ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو