204

پاڪستان جي مشهور نعت خوان جنيد جمشيد جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور نعت خوان جنيد جمشيد جي چوٿين ورسي سومر تي ملهائي وئي. 90ع جي ڏهاڪي دوران 15 سالن تائين موسيقي جي دنيا ۾ تمام گهڻين ڪاميابين کانپوءِ سال 2004ع ۾ جنيد جمشيد جي زندگي ۾ هڪ وڏي ۽ هاڪاري تبديلي آئي. هن گلوڪاري جو ڪيريئر ڇڏي پنهنجي باقي زندگي اسلام جي ٻڌايل طريقي مطابق گذارڻ جو فيصلو ڪيو. جنيد جمشيد ۽ سندس زال 4 سال اڳ 7 ڊسمبر 2016ع تي حويليان ۾ جهاز حادثي جو شڪار ٿيڻ جي نتيجي ۾ لاڏاڻو ڪري ويا هئا. هن موسيقي جي دنيا ڇڏڻ کانپوءِ تمام گهڻا نعتيا ڪلام ۽ حمدون پڙهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو