اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ناروي جي هم منصب ايرڪسن سوراديڪي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق ڳالهه ٻولهه دوران ٻه طرفن ناتن، خطي جي صورتحال، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائيءَ سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ناروي سان ٻه طرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏيندو آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ناروي وچ ۾ واپاري سهڪار کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ ناروي جي سيڙپڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ناروي جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ ذريعي اسان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو وٺي سگهن ٿيون. هن ناروي جي پرڏيهي وزير کي افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي سرچاءَ واري ڪردار کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان خطي اندر امن ڪوششن ۾ سهڪار لاءِ پُرعزم آهي. ناروي جي پرڏيهي وزير سولر انرجي منصوبي واري معاهدي ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪردار کي واکاڻيو. هن ناروي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي مثبت ڪردار جي به تعريف ڪئي.
