126

پاڪستان خطي جي ملڪن سان رابطا وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي: صدر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان خطي جي ملڪن سان رابطا وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي، عراق سان واپاري، معاشي، ثقافتي ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عراق جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير احمد امجد علي سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀائر ملڪ عراق سان واپاري، معاشي، ثقافتي ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ واپار جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ڪافي گنجائش آهي، نامزد سفير عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري رابطا وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، نامزد سفير عراق ۾ پاڪستاني ڪميونٽي ۽ زائرين جي سهولت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ فضائي ۽ سامونڊي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان خطي جي ملڪن سان رابطا وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ دفاعي سعبي ۾ تعاون مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، نامزد سفير پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو