182

کٿڙ ڀرسان سرڪاري جبلن جي ڪٽائي ۾ مافيا سرگرم، شهري پريشان

کٿڙ ڀرسان سرڪاري جبلن جي ڪٽائي ۾ مافيا سرگرم، شهري پريشان

کٿڙ (ن سوڀ) کٿڙ ڀرسان ڪيٽل ڪالوني ۽ آريسر واري علائقن منجهھ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ سرڪاري جبلن51 جي ڪٽائي ۾ مافيا سرگرم، جبلن کي ڪٽڻ لاءِ وڏي انگ ۾ بارودي مواد جو استعمال. تفصيل مطابق مين ٽنڊو محمد خان روڊ جي ڀرسان واري جبلن کي بمن ذريعي ڦاڙيو ٿو وڃي، اھي بارودي بم جبلن منجهھ اندر دٻائي ان سان ڌماڪو ڪيو ويندو آھي ته جيئن جبل آساني سان ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي وڃي، جبلن کي اھڙي طرح بارودي بمن سان ٽڪڙا ڪرڻ سبب ٽڪائن تي عوام ۾ خوف پکڙجي وڃي ٿو. جبلن منجهھ بارودي بم جو ڌماڪو ڪيو وڃي ٿو ته پري پري تائين زمين لڏيو وڃي، جنھن سبب مقامي رھواسين ۾ خوف پکڙجيو وڃي. هتان جي شهرين جو چوڻ آھي ته اسين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اهڙي قدم کي روڪيو وڃي، جيئن سنڌ جا تاريخي ماڳ ختم ٿيڻ کان بچي سگھن ۽ انساني جانين جو ضايع ٿيڻ جو امڪان پڻ گهٽجي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

کٿڙ ڀرسان سرڪاري جبلن جي ڪٽائي ۾ مافيا سرگرم، شهري پريشان” ایک تبصرہ

  1. Bashir Ahmed Bhand , Prident : KISAN COMMUNITIE'S (DISABILITIES & WOMEN'S DEVELOPMENT'S FOUNDATION & CHATITABLE ORGANIZATION -KINGRI -KHAIR PUR MIRS SINDH PAKISTAN says:

    بھت بھتر

پنهنجي راءِ ڏيو