138

پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جاري ڪرڻ جي منظوري…

ايڊيٽوريل

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر قرض جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽن مطابق آءِ ايم ايف پنهنجي اعلان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني عملدارن ناڻي شرح ۾ واڌ، ادارن ۾ اصلاحون ۽ پائدار اقتصادي ترقي ۽ معاشي اصلاحون ڪرڻ لاءِ جارحاڻا قدم کنيا آهن، اعلان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي بجيٽ سپورٽ جي طور تي مجموعي طور 2 ارب ڊالرن جي رقم جاري ڪئي  وئي آهي، پاڪستان لاءِ 6 ارب ڊالر قرض پروگرام جي منظوري جولاءِ 2019ع ۾ ڏني وئي هئي ۽ آءِ ايم ايف جو اهو پروگرام 39 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو آهي، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستاني عملدارن اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري ۽ ڪارپوريٽ ٽئڪس ۾ اصلاحون جاري رکيون آهن، پاور سيڪٽر ۾ قيمتن جي وصولي ۽ قانونن جي بهتري لاءِ پن اصلاحون هلن پيون، رياستي ادارن جي انتظاميا کي بهتر بڻايو ويو آهي، اعلان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪورونا جي باوجود وچ مدي واريون پاليسيون لاڳو ڪيون ويون ۽ ادارن ۾ اصلاحن وارو توازن رکيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ٽارگيٽڊ سپورٽ ۽ مضبوطي لاءِ احتياط کان ڪم ورتو ويو، بهتر ٽئڪس وصولي ۽ ٽئڪس وصولين ۾ صوبائي حصو وڌائڻ سان قرض گهٽتائي بهتري ايندي، ايندڙ مالي سان هدف جنرل سيلز ۽ ذاتي آمدني ۾ ٽئڪس اصلاحن تي ٻڌل هوندا.آءِ ايم ايف جي اعلان مطابق تازن قدمن سان توانائي واري شعبي ۾ بقايائون گهٽائڻ ۾ مدد ملندي، اعلان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان لاءِ اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ واري ايڪشن پلان تي عمل ضروري آهي.

موجوده حڪومت جي اقتدار دوران آءِ ايم ايف پاران ٻيو ڀيرو قرض جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ 50 ڪروڙ ڊالرن جي وڏي رقم پاڪستان کي ڏني ويندي، پر ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان ملڪ جي سياسي اڳواڻن ۽ معاشي ماهرن سخت ڳڻتيون پڻ ظاهر ڪيون آهن، چيو پيو وڃي ته ايندڙ بجيٽ پاڪستان جي نه پر آءِ ايم ايف جي بجيٽ هوندي، جنهن ۾ مهانگائي جو هڪ وڏو طوفان ايندو جيڪو غريب ماڻهن کي وڌيڪ بيحال ڪري لوڙهي ڇڏيندو، پرڏيهي قرضن جي حوالي سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ جو عام ماڻهو به هن وقت دنيا جو قرضي آهي، ٻيو ته ٺهيو پر پيٽ ۾ موجود هر پاڪستاني ٻار به 88 هزار رپين جو قرضي آهي، قرض وٺڻ انتهائي مجبوري واري عمل ۾ ته بهتر آهي پر جيڪڏهن اسان قرض وٺڻ پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو ته پوءِ شايد ملڪ ان لعنت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ويندو، جيستائين قرضن جي ڳالهه آهي ته ڏٺو وڃي ته حڪومتون قرض ته وٺن ٿيون پر اهي صحيح طريقي سان استعمال نه ٿيڻ سبب هڪ طرف ملڪ قرضي ٿيندو ٿو وڃي، ٻئي طرف وري مسئلا به جيئن جو تيئن موجود هوندا آهن، اسان حڪومت کان اها گهر ڪرڻ ۾ حق تي آهيون ته ڄاڻايل 50 ڪروڙ ڊالرن واري تمام وڏي رقم ڪٿي خرچ ٿيندي ۽ ڪيئن خرچ ڪئي ويندي، ان بابت قوم کي آگاهي ڏني وڃي ۽ ان رقم کي ڪهڙن ڪهڙن منصوبن تي سيڙايو ويندو، ان مان ڪيترا پئسا واپس قرض جي قسط طور ڏنا ويندا، ڪيتري رقم منصوبن تي خرچ ٿيندي ۽ ڪيتري رقم ادارن جي بهتري لاءِ استعمال ٿيندي ان جو حڪومت وٽ پورو پورو حساب به هجڻ گهرجي، ڇو ته موجوده حڪومت احتساب جي نعري تحت اقتدار ۾ آئي آهي ۽ احتساب جي بهترين صورت پنهنجي پاڻ کان شروعات ڪرڻ ۽ پاڻ کي ٽرانسپيرنٽ ۽ شفاف بڻائڻ آهي، اميد آهي ته ڄاڻايل رقم ملڪ جي ڀلي لاءِ ئي خرچ ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو