46

پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي ڪارروائي، 5 ايراني اسمگلر گرفتار، 816 ملين رپين جي ماليت جو چرس هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ ڪسٽم انٽيليجنس جي اختيارين کليل سمنڊ ۾ گڏيل آپريشن ڪري لانچ ۾ سوار 5 ايراني اسمگلرن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 816 ملين روپين جي ماليت جو چرس هٿ ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل فيصل صادق، ڪمانڊر عبدالله، ڪمانڊر سلمان ۽ ڪسٽم انٽيليجنس جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر رانا تسليم پي ايم ايس اي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته ڳجهو اطلاع ملڻ تي کليل سمنڊ ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪري 5 ايراني اسمگلرن کي گرفتار ڪري انهن جي لانچ جي ڳجهن خانن مان ٻه ٽن چرس هٿ ڪيو آهي. هنن ٻڌايو ته جوابدار سمنڊ جي رستي ڪنهن آفريڪي ملڪ ڏانهن وڃي رهيا هئا. گرفتار ٿيل جوابدارن جي قبضي مان ڪنهن به قسم جا ڪاغذ يا سڃاڻپ ڪارڊ هٿ نه آيا آهن . هنن چيو ته جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ ايران جي قونصليٽ سان رابطو ڪيو ويندو. سندن ٻولي به اسان کي سمجهه ۾ نٿي اچي تنهن ڪري وڌيڪ تحقيقات ۾ ڪجهه وقت لڳندو. هنن چيو ته ميري ٽائيم سيڪيورٽي اينجسي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ هر وقت چوڪس  آهي ۽ ڪنهن به غير قانوني چر پر تي فورن ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هنن چيو ته هندستاني ماهيگير پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندا آهن ته انهن کي فورن گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو