اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان واٽس ايپ جيان پنهنجي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ٺاهي ورتي آهي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق واٽس ايپ جيان پنهنجي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ”اسمارٽ آفيس“ تيار ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته نئين ايپ تجربن واري مرحلي مان گذري رهي آهي، پهرين مرحلي ۾ سرڪاري آفيسر ۽ ملازم اسمارٽ آفيس جي ايپ استعمال ڪندا، اميد آهي ته جون 2021ع تائين اسمارٽ آفيس جي نالي سان ايپليڪشن لانچ ڪري ڇڏينداسين، جڏهن ته اها آزمائشي بنيادن تي هوندي. هن چيو ته اهڙي طرح ٻي ايپليڪشن ڪنهن ٻئي نالي سان عام پاڪستانين لاءِ به لانچ ڪنداسين، نئين ايپ جي ڊيٽا، ڪميونيڪشن ۽ رڪارڊ مڪمل محفوظ هوندو.
