150

پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي مڪمل حمايت ڪندو رهندو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هر سال 5 فيبروري تي اسان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا آهيون، سڄي پاڪستاني قوم خود اراديت واري جائز حق لاءِ جدوجهد ۾ ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي. ڪشميرين سان يڪجهتي واري ڏينهن جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته گذريل 18 مهينن کان والاريل ڪشمير مسلسل ڀارتي فوجي ڪڙي ۾ آهي، مڪمل ناڪابندين سبب ڪشميري عوام پنهنجن گهرن ۾ بند آهي، ميڊيا تي سخت پابنديون هنيون ويون آهن، سموري سياسي قيادت کي قيد ۾ رکيو ويو آهي، ساهه ٻوساٽيندڙ فوجي ڪڙي ۽ ڪووڊ-19 وبا جي تباهه ڪارين باوجود ڀارتي فوج گهر گهر تلاشي وارين ڪارروائين ۽ جعلي مقابلن جو سلسلو جاري رکيو اچي.هن چيو ته عالمي برادري کي ڪشميرين جي بنيادي آزادي ۽ انساني حقن جي حمايت جاري رکڻ گهرجي ۽ ڀارت مٿان زور ڀرڻ گهرجي ته هو گڏيل قومن جي فيڪٽ فائينڊنگ مشن کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي مڪمل حمايت جي عزم جو اظهار ڪري ٿو، اها يڪجهتي ايستائين جاري رهندي جيستائين ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق  خوداراديت وارو جائز حق حاصل نٿو ٿئي. ٻئي پاسي  پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي سمورن مڪتب فڪر، سياسي پارٽين ۽ ادارن جي ڪشمير مسئلي تي هڪڙي ئي سوچ آهي، ان منزل حاصل ڪرڻ تائين اسان ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهيون. يوم يڪجهتي ڪشمير جي سلسلي ۾ ريلي جي شروعات پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي اڳواڻي ۾ پرڏيهي وزارت کان ٿي، جيڪا پارليامينٽ هائوس تائين جاري رهي. ريلي ۾ گورنر ڪي پي ڪي شاهه فرمان، چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر، اطلاعات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ريلوي وارو وزير اعظم سواتي ۽ پارليامينٽ ميمبرن کان علاوه مختلف مڪتب فڪر سان لاڳاپيل مردن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اڄ سڄي پاڪستاني قوم ڪشميرين سان ايڪي لاءِ رستن تي آهي، ڪشميرين جي لازوال قربانين ۽ سندن جرئت کي سلام پيش ڪيان ٿو. سڄي ملڪ ۾ ڪشميري آزادي جا خواهشمند اڄ يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. چيئرمين سينيٽ اسپيڪر ۽ وزيرن سميت سمورا پارليامينٽ ميمبر به موجود آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي پيغام ڏيڻ ضروري آهي ته 18 مهينن کان ڪشميري راءِ جو اظهار نه ڪري سگهيا، پرامن احتجاج نٿا ڪري سگهن ۽ مذهبي آزادي تي به پابندي آهي، سرينگر جي جامع مسجد ۾ تالا آهن ۽ کين خوف آهي ته جتي ماڻهو جمع ٿيندا سندن پاليسي خلاف نفرت جو اظهار ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم فيصلو ڪيو آهي ته  هو پاڻ ڪشمير وڃي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو. هو عالمي دنيا توڙي ڪشميرين لاءِ هڪ پيغام کڻي وڃي رهيو آهي، پوري قوم وزيراعظم جي پيغام جي منتظر آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو