133

پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن واري شيڊول تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن واري شيڊول تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي پاران اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻن ڏينهن ۾ جاچ پڙتال، بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻيا معاملا طئي ڪري سگهجن ٿا؟ خط جي متن مطابق پيپلز پارٽي جو چوڻ آهي ته گهٽ وقت ۾ اميدوارن جي لسٽ کي آخري شڪل ڏيڻ مشڪل آهي، اميدوارن جا انٽرويوز ۽ ٻين عملن لاءِ پارلياماني بورڊ کي وقت گهربل آهي. پيپلز پارٽي پاران چيف اليڪشن ڪمشنر کان اپيل ڪئي وئي آهي ته سينيٽ چونڊن واري شيڊول جي حوالي سان مناسب قدم کنيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو