اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چونڊن ۾ بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد مان چونڊ ويڙهائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن مطابق يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ لاءِ ن ليگ، جي يو آءِ ۽ اي اين پي سوڌو سموريون مخالف ڌر پارٽيون ووٽ ڏينديون. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته يوسف رضا گيلاني کي حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين به ووٽ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي، ڪاميابي جي صورت ۾ يوسف رضا گيلاني مخالف ڌر پاران سينيٽ چيئرمين واري عهدي لاءِ به گڏيل اميدوار ٿي سگهي ٿو.
