اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) پاڪستان ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت ڊوزيئر جي صورت ۾ پڌرا ڪري نومبر ۽ ڊسمبر ۾ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾وڏي دهشتگردي جو خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾ ڀارتي دهشتگردي جي وڏن واقعن جو خطرو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت دنيا لاءِ پيش ڪري ڇڏيا. هن چيو ته اسان وٽ گهڻا ثبوت موجود آهن جن مان ڪجهه اڄ پيش ڪيا آهن. ڀارت دهشتگردن کي سکيا ۽ هٿيار ڏئي ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگرد تنظيمن جو ڪنسورشيم ٺاهي رهيو آهي، پاڪستان ۾ تازي دهشتگردي پويان ڀارت آهي، افغانستان ۾ ڀارتي سفارتخانو پاڪستان مخالف سرگرمين جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي، ڀارتي سفارتخاني ۾ مقرر ڀارتي ڪرنل راجيش دهشتگرد تنظيمن سان رابطي ۾ آهي ۽ 4 ڀيرا دهشتگردن سان ملاقاتون به ڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾ دهشتگردي جي وڏن واقعن جو خطرو آهي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي داعش پاڪستان ٺاهڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ان تازو 30 داعش دهشتگردن کي پاڪستان ۽ ڀرپاسي منتقل ڪيو آهي ۽ ڪالعدم تنظيمن ۾ اربين رپيا ورهايا پيا وڃن. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ”را“ طرفان ٽي ٽي پي جي مدد جا ثبوت به موجود آهن، جنهن قبيلائي علائقن ۾ بدامني لاءِ آءِ اي ڊيز ۽ هٿيار ورهايا، دهشتگردن جي تربيت لاءِ افغانستان ۾ 66 ۽ ڀارت ۾ هڪ ڪئمپ قائم آهي، ڀارت قنڌار ۾ دهشتگردن جي ڪئمپ لاءِ 30 ملين ڊالر لڳايا. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي تنظيمن داعش ڪمانڊر عبدالرحيم عرف عبدالرحمان کي پنهنجا ماڻهو ڏنا، دهشتگردي جي پٺڀرائي جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته ڀارت جا سفارتخانا دهشتگردي لاءِ فنڊنگ جو انتظام ڪن ٿا ۽ افغانستان ۾ ڀارتي سفارتڪار ان عمل جي نگراني ڪن ٿا. ڀارتي ادارا دهشتگردن جي فنڊنگ لاءِ پنهنجي ماڻهن کي ٽين ملڪ ۾ ناڻو پهچائين ٿا، هن چيو ته ٻن واقعن ۾ ڀارت جي پنجاب بينڪ ذريعي 28 هزار ڊالر جڏهن ته هڪ ٻئي ڀارتي بينڪ ذريعي افغانستان ڏانهن 55 هزار ڊالر اماڻيا ويا. ڀارتي سفارتڪار ٽي ٽي پي اڳواڻن کي 8 لک ڊالر کان وڌيڪ رقم ڏئي چڪا آهن. ڀارت پاڪستان ۾ مختلف گروپن کي هٿيار ۽ بارود ڏي پيو. را 6 دهشتگردن ذريعي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ ايل او سي حملا ڪري پيو، ڪالهه به ڀارت جي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ڪالهه لائن آف ڪنٽرول تي جيڪا ڪارروائي ڪئي آهي، ان جي مذمت ڪريان ٿو، جنهن ۾ اسان جي معصوم شهرين کي نشانو ڪيو ويو. هن چيو توهان ڏسي رهيا آهيو ته ڪجهه عرصي کان اهو طريقي ڪار هلي رهيو آهي ته مسلسل سيز فائز جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، اهو سڀ کان اهم معاهدو آهي جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ طئي ٿيو هو ۽ جنهن رواني سان ان جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن، اهو قوم جي سامهون آهي. اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد ڀارت جي اصل چهري کي قوم ۽ عالمي برادري سامهون بي نقاب ڪرڻ آهي، سيڪيولرزم کان شروع ٿيندڙ سفر اڄ هڪ فاشزم جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ اها هاڻ دنيا کي خبر پئجي وئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت پاران پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي سرپرستي جا پڪا ثبوت موجود آهن. ڀارت رياستي دهشتگردي ۾ سڌو سنئون ملوث آهي ۽ ان کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته ڀارت ۾ انتهاپسندي عروج تي آهي ۽ سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت روگ اسٽيٽ جو روپ اختيار ڪندي پئي وڃي. عالمي برادري کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڀارتي منصوبن جي ڄاڻ وقت به وقت ڏيندا رهيا آهيون. ڀارت جي رياستي دهشتگردي تي وڌيڪ چپ رهڻ نه پاڪستان ۽ نه ئي ڏکڻ ايشيا جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته ڀارت پاران عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس ورتو وڃي جيڪو دهشتگردي خلاف فرنٽ لائين تي وڙهندڙ پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيو آهي.
