پرويز خٽڪ جنرل باجوه جي ملازمت ۾ واڌ جي آڇ قبول ڪري ورتي
پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پارليامينٽرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي آڇ ضرور ڪئي هئي پر غيرمعمولي مدي جي واڌ درست ناهي. جيو نيوز جي پروگرام ”نيا پاڪستان“ ۾ ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته عمران خان گهرو وزارت جو واعدو ڪري مون کي ڌوڪو ڏنو، هو ڪوڙو آهي، کيس پاڪستان جو صدر بڻجڻ جي به آڇ ڪئي وئي جيڪا هن رد ڪري ڇڏي. پرويز خٽڪ، جيڪو عمران خان جي دور ۾ بچاءُ وارو وزير هو، چيو ته جنهن وقت اسان جنرل باجوه جي مدي ۾ واڌ جي آڇ ڪئي هئي، ان وق |