راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان روسي صدر جي افغانستان بابت نمائندي ضمير ڪابلو ملاقات ڪئي آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان روسي صدر جي افغانستان بابت نمائندي ضمير ڪابلو ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ علائقائي سلامتي واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. افغان معاملن بابت روس جي نمائندي افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ته پاڪ_روس لاڳاپا ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندا، ان کانسواءِ ڌرين ٻن طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو. ملاقات دوران افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي تي به تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن خطي جي مفاد ۾ آهي.
