27

پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي. آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ پهرين هڪ ڪروڙ ويڪسينيشن ۾ 113ڏينهن لڳا، ٻئي ڪروڙ ۾ 28 ڏينهن جڏهن ته ٽئين ڪروڙ ۾ ويڪسينيشن جي عمل ۾ صرف 16 ڏينهن لڳا. گذريل هفتي سڄي ملڪ ۾ ويڪسينيشن تيزي سان وڌي ۽ هفتي جي ڇهن ڏينهن ۾ نئون رڪارڊ جڙيو. گذريل 6 ڏينهن ۾ رڪارڊ 50 لک ويڪسين لڳائي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو