106

پاڪستان ۾ 5 کان 16 سالن تائين جا 2 ڪروڙ ٻار تعليم کان محروم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 5 کان 16 سالن تائين جا 2 ڪروڙ ٻار تعليم کان محروم، غير سرڪاري تنظيم پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ناخواندگي جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌي رهي آهي،  پاڪستان ۾ 5 کان 16 سالن تائين جا 2 ڪروڙ ٻار تعليم کان محروم آهن، رپورٽ موجب اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي لسٽ ۾ پاڪستان ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ٻار اهڙا آهن جيڪي تعليم جي زيور کان محروم آهن، بلوچستان ۾ 47، سنڌ ۾ 44، پنجاب ۾ 24، اسلام آباد ۾ 10 ۽ ڪي پي ڪي ۾ 32 سيڪڙو ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، رپورٽ موجب 77 لک ٻار پنجاب، 64 لک 82 هزار سنڌ، ڪي پي ڪي ۾ 38 لک، بلوچستان ۾ 20 لک جڏهن ته اسلام آباد ۾ 52 هزار ٻار اسڪول نه ٿا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو