123

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اسان کي ڦاسائڻ وارا پاڻ ڦاسي پيا، دامن صاف آهي، ڪجهه نه پيا لڪايون، براڊ شيٽ معاملي جي مڪمل جاچ ٿيندي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسان کي ڦاسائڻ وارا پاڻ ڦاسي چڪا آهن.اليڪشن ڪميشن ۾ اسان جو موقف صحيح ثابت ٿيو آهي. رپورٽ موجب حڪومتي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان براڊ شيٽ معاملي تي شفاف ۽ منصفاڻي جاچ ڪرائڻ چاهيون ٿا. اپوزيشن جي خوش فهمي آهي ته هو پروپيگنڊه ڪري حقيقتون لڪائيندا قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ هر ڪردار کي سامهون آنينداسين.هن جو چوڻ هو ته حيرت آهي ته قبضه ڇڏائڻ کي به سياسي انتقام قرار ڏنو پيو وڃي. سرڪاري زمينن تي قبضا ڪندڙن کي(ن) ليگ جي سرپرستي حاصل رهي. سياسي پٺڀرائي کان سواءِ ڪوبه سرڪاري زمين تي قبضو نٿو ڪري سگهي.وزيراعظم ترجمانن جي اجلاس دوران قبضه مافيا جي خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. عمران خان هدايت ڪئي آهي ته حڪومتي ترجمان قبضه مافيا جي خلاف آپريشن جي تفصيلن کان قوم کي آگاهي ڏين. وزيراعظم عمران خان پرڏيهي پاڪستانين جي شڪايتن تي نوٽيس وٺندي پرڏيهه ۾ موجود سفارتي عملي ۽ مشن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ عملي قدم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم پرڏيهي وزارت کي 20 ڏينهن ۾ ايڪشن پلان مڪمل ڪرڻ جو چيو. هن جو چوڻ هو ته رپورٽ هر چئن مهينن کان پوءِ پيش ڪئي وڃي. سفارتي عملي جي پرفارمنس تي ٻڌل ريٽنگ طئي ٿيندي ۽ بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سفارتي عملي کي پاڪستان واپس گهرايو ويندو، ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۽ معيشت جي بحالي لاءِ 5 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪندي ويڪسين جي برابر فراهمي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.گڏيل قومن جي انتظام هيٺ جنيوا ۾ ٿيندڙ واپار ۽ ترقي بابت ڪانفرنس جي چوٿين اجلاس سان ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته دنيا صحت ۽ معاشي مسئلن جي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، ڪورونا وائرس بنا فرق امير ۽ غريب سڀني کي متاثر ڪري رهيو آهي، وبا سان پٺ تي پيل ملڪ ۽ انهن جو عوام سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، اسان کي ماڻهن کي ڪورونا وبا ۽ بُک مرڻ کان بچائڻو آهي.هن 5 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪندي چيو ته وبا جي خاتمي تائين قرض ملڪن جي قرضن جي واپسي معطل ڪئي وڃي، قرضن جي واپسي ۾ قرضي ملڪن کي واڌو رعايت ڏني وڃي ۽ 5 ارب ڊالرن جو خاص امدادي فنڊ قائم ڪيو وڃي، فنڊ جو مقصد قرضن جي فراهمي ۾ سهولت ڏيڻ هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو