18

پرڏيهي پاڪستانين کي اڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊون 2023ع ۾ آءِ وٽنگ سان اوورسيز پاڪستانن کي ووٽ ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ رجسٽريشن جلد شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پرڏيهي پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب اڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي، اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن آءِ ووٽنگ جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي سيڪريٽري نديم ارشد ڪياني، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، ڊي جي آءِ ٽي اي سي پي خضر عزيز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته توهين عدالت کان بچڻ لاءِ چونڊن ۾ آءِ ووٽنگ سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شرڪت يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ عدالت ان حوالي سان هدايتون ڏئي چڪي آهي، لاڳاپيل ادارا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪيمونيڪيشن واري وزارت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت، نادرا ۽ ٻاهرين ملڪ مشنز، اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ تقريبن 90 لک اوورسيز پاڪستانين جي رجسٽريشن لاءِ انتظام ڪري هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هو موقف کي ثبوت جي طور تي اي سي پي کي بريفنگ لاءِ پروٽوٽائيپ اي وي ايم ٺاهي ته جيئن حتمي اي وي ايم اليڪشن ڪميشن پاران بهتر خصوصيتن موجب بڻائي سگهجي، هن چيو ته چونڊ سڌارن جو عمل اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ ۽ بنيادي ذميداري آهي، هن چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن جي سگهه وڌائڻ لاءِ صرف رهنمائي ۽ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ٻڌايو ته پروٽو ٽائيپ اي وي ايم 14 جولاءِ تي اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪيو ويندو ته جيئن اوورسيز پاڪستانين کي پنهنجي ووٽ کي داخل ڪرڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪئي وڃي، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين ۾ رجسٽريشن جي عمل جي باري ۾ آگاهي لاءِ مشهوري جي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان جي وزارت ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف اجلاس ۾ ٻڌايو ته سندس ادارو ووٽ رجسٽريشن جي عمل ۾ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو