24

پشاور جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، هاڻوڪي حڪومت 6 مهينا به رهي ته ماڻهو بک وگهي مري ويندا: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله هاڻوڪي حڪومت کي ڪورونا قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت 6 مهينا به رهي ته ماڻهو بک وگهي مري ويندا. لاهور جي منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا سبب 2 سيڪڙو فوتگيون ٿين پيون، جڏهن ته حڪومتي ڪورونا سبب سئو سيڪڙو ماڻهو مرن پيا، انهن سڀني جون شڪلون ڏسي وٺو اهي ڪورونا جيان نظر اچن ٿا، حڪومتي ڪورونا اٽو کنڊ کائي ويو، عوام حڪومتي ڪورونا خلاف روڊن تي اچي، هي وڌيڪ 6 مهينا رهيا ته ملڪ کي کائي ويندا. هن چيو ته اسان حڪومت خلاف تحريڪ انهن کان پڇي نه پيا هلايون، پشاور جلسو هر صورت ۾ ٿيندو اسان کي حڪومت کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي، تحريڪ جو ايندڙ مرحلو ڪيترو سخت هوندو ۽ ڪهڙا آپشن استعمال ٿيندا ان بابت پي ڊي ايم جي قيادت فيصلو ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو