پشاور (ويب ڊيسڪ) چائلڊ پروٽيڪشن ڪورٽ پشاور 8 ورهين جي ٻارڙي سان جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدار قاري سعيد مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. چائلڊ پروٽيڪشن ڪورٽ پشاور جي جج وديعه مشتاق ملڪ مسجد ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي سان جنسي زيادتي ڪندڙ قاري سعيد تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس موت ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ڏني آهي، جڏهن ته متاثر ٻارڙي کي 3 لک ازالي طور ڏيڻ جو به حڪم جاري ڪيو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته جوابدار کي ان وقت تائين ڦاهي تي ٽنگيو وڃي جيستائين سندس موت جي تصديق نه ٿئي.
