لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سينيئر وزير عليم خان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سينيئر صوبائي وزير ٻه ڀيرا وزير اعظم عمران خان کي استعيفيٰ پيش ڪري چڪو آهي، هن وزير اعظم عمران خان سان ملاقات پڻ ڪئي، وزير اعظم کيس ڪم جاري رکڻ جي لاءِ چيو هو، عليم خان ذاتي مصروفيت جي ڪري وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻ چاهي ٿو.
