اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگردن سان ڳالهين جي فيصلي ۽ آزادي پٺيان ڪير هئا، جاچ ٿيڻ گهرجي.اسلام آباد ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بيشمار قربانيون ڏنيون، دهشتگردي جو خاتمو آندو ويو پر پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ پارليامينٽ ۽ عوام کان پڇڻ کانسواءِ دهشتگردن سان ڳالهيون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ جي باني دهشتگردن کي قبائلي علائقن ۾ رهڻ ڏنو، جنهن سبب هر طرف دهشتگردي ٿي رهي آهي، پاڪستان دهشتگردي جو شڪار آهي، ان ڪري عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن کي منهن ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري کان سياسي سوال ڪندڙ صحافي کي هن جواب ڏنو ته هو ڪنهن سياسي سوال جو جواب نه ڏيندو. بگٽي صاحب لاءِ ڪي ڏکيائيون پيدا نٿو ڪرڻ چاهيان، اميد آهي ته اليڪشن بابت ڪو مسئلو نه ٿيندو پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته هو شهيد ڀٽو ڪيس جو فيصلو ٻڌڻ تي چيف جسٽس جو ٿورائتو آهي، اهو مناسب هوندو ته شهيد ڀٽو جي ڪيس جي ڪارروائي لائيو ڏيکارجي، اميد آهي ته ان ڪيس ۾ به انصف ٿيندو نظر ايندو، اسان سياسي ماڻهو آهيون جيڪي حالتون هجن، سياسي ڪيمپين هلائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي عدالت عالمي قانونن کي ٻيهر نٿي لکي سگهي،ڪشمير عالمي طور تسليم ٿيل مسئلو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرڻو پوندو، عالمي برادري کي ڪشمير مسئلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
|