لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پيرول تي آزاد ڪرڻ لاءِ ڪابينا جي اماڻيل سفارشن واري سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار پاران شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي 5 ڏينهن لاءِ پيرول تي آزادي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن کانپوءِ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سڀاڻي 27 نومبر تي 2 وڳي آزاد ڪيا ويندا.
